وزيراعظم شهباز شريف سميڊا جي جائزي واري اجلاس ۾ ملڪي برآمدات وڌائڻ لاءِ ننڍي ۽ وچولي صنعتن (ايس ايم ايز) کي قرضن جي فراهمي ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم ننڍي ۽ وچولي صنعتن جي ڪارڪردگيءَ کي وڌائڻ جي هدايت ڪئي، خاص طور تي هارين جي اجناس ۽ ميون جي پروسيسنگ لاءِ کين آگاهي ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ.
وزيراعظم چيو ته ڪمرشل بئنڪن کي ننڍي ۽ وچولي صنعتن کي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان خاص پروڊڪٽس تيار ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي، فزيبلٽي جي تياري ۽ ٻين مرحلن ۾ ننڍي ۽ وچولي صنعتن کي مدد فراهم ڪئي وڃي.
هن چيو ته ايس ايم ايز جي ترقي ۾ رڪاوٽن کي دور ڪرڻ لاءِ تڪڙي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، سميدا کي ننڍي ۽ وچولي صنعتن جي قيام ۾ عورتن سميت نوجوان صنعتڪارن کي مدد فراهم ڪرڻ گهرجي.
اجلاس کي سميدا پاران ايس ايم ايز جي سهولت لاءِ مختلف قدمن تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي مارڪيٽ تائين پاڪستاني ايس ايم ايز جي پهچ ۽ برآمدات کي وڌائڻ لاءِ هن سال 16 ايونٽس ۾ 700 ايس ايم ايز جي شرڪت کي يقيني بڻايو ويو. ان سان گڏ 35 شهرن ۾ ايس ايم ايز کي مالياتي ضابطن ۽ ڪاروبار جي حوالي سان تربيت ڏني وئي، اجلاس ۾ سميدا تحت مختلف قدمن تي پڻ روشني وڌي وئي.
وزيراعظم ايس ايم ايز جي قرضن تائين رسائي جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ ڪمرشل بئنڪن جي سهڪار سان هڪ جامع پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خصوصي معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ شعبن جي ماهرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.


