گوجرانوالا جي واهنڊو ٿاڻي جي حد ۾ 9 ورهين جي ٻارڙي جي انڌن قتل جو راز پوليس 8 ڪلاڪن ۾ حل ڪري مقتول جي ڏاڏي کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب سي پي او ڊاڪٽر سردار غياث گل خان جي اطلاع تي خاص ٽيمون جوڙيون ويون، جن جديد جاچ ۽ ثبوتن جي مدد سان جوابدارن کي گرفتار ڪيو.
شروعاتي جاچ موجب گرفتار جوابدار عبدالرحمان جيڪو مقتول جو ڏاڏو آهي، قتل جي منصوبابندي پنهنجي مخالفن کي فريب ڪرڻ لاءِ ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار واقعي کي غلط بيان ڪرڻ لاءِ ٻارڙي کي پيٽ تي چاقو پڻ هنيو.
پوليس موجب، ايس ايڇ اوز تي مشتمل اسپيشل ٽيمن ڏينهن رات محنت ۽ مختلف رخن کان جاچ ڪرڻ بعد انڌا قتل جو پتو لڳايو.
ايس پي صدر جي نگراني ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيمون واقعي جي سمورن رخن کان تفصيلي جاچ ڪري رهيون آهن، جڏهن ته وڌيڪ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.
سي پي او ڊاڪٽر سردار غياث گل خان چيو آهي ته مضبوط جاچ، ٺوس ثبوت ۽ موثر تعقيب ذريعي جوابدارن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي.


