فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي اهم ميچ سومر جي رات آمريڪا ۽ بيلجيم وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ بيلجيم ميزبان آمريڪا کي 1-4 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
اها ميچ ان لحاظ کان به اهم هئي ته آمريڪي رانديگر بالوگن کي ريڊ ڪارڊ سبب هڪ ميچ جي معطلي کي منهن ڏيڻو پيو پر ڊونلڊ ٽرمپ جي مداخلت سبب فيفا فوري معطلي ۾ دير ڪندي کيس کيڏڻ جي اجازت ڏني.
فيفا جي ان فيصلي خلاف بيلجيم طرفان اپيل پڻ داخل ڪئي وئي هئي، پر فيفا طرفان اها اپيل رد ڪئي وئي هئي.
ميچ کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا هي ميچ هارائي ته هو ان کي فڪسڊ چوندا.
ٽرمپ چيو ته ٻئي ٽيمون پنهنجي پوري قوت سان ميدان ۾ لهنديون ۽ جيڪڏهن بيلجيم ڪامياب ٿي ته کيس ان ڪاميابي تي فخر ڪرڻ گهرجي.
بهرحال، هن طنزيه انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا هارايو ته هو چوندو ته هي ميچ به 2020 جي صدارتي چونڊن وانگر ’فڪس‘ هئي، پر ان معاملي تي وڌيڪ ڳالهه نه ڪندو.
https://x.com/SpencerHakimian/status/2074194072479133700?s=20


