فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ 2026 جي ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ اسپين بيلجيم کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 1-2 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ کيڏيل ميچ ۾ اڳوڻي عالمي چيمپيئن اسپين شروع کان ئي جارحاڻي راند پيش ڪئي. فابين 30هين منٽ ۾ اسپين لاءِ پهريون گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري. بيلجيم هار نه هاريو ۽ 41 هين منٽ ۾ ڊي ڪيٽالري گول ڪري ميچ 1-1 جي برابر ڪري ڇڏي. اهو پڻ هن ٽورنامينٽ ۾ اسپين خلاف پهريون گول هو. ميچ جيئن ئي فيصلي واري مرحلي ۾ داخل ٿي ته اسپين هڪ ڀيرو ٻيهر حملو ڪيو ۽ 88هين منٽ ۾ ميڪل ميرينو شاندار گول ڪري پنهنجي ٽيم کي 1-2 جي فيصلي واري برتري ڏياري. بيلجيم مقرر وقت جي پڄاڻي تائين واپسي نه ڪري سگهيو، اهڙي طرح اسپين 1-2 تان ڪاميابي حاصل ڪري سيمي فائنل ۾ پهچي ويو. ان کان اڳ فرانس به پنهنجو ڪوارٽر فائنل کٽي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته اسپين جي ڪاميابي ايونٽ جي آخري فور اسٽيج لاءِ مقابلي کي وڌيڪ دلچسپ بڻائي ڇڏيو.
Source link

فيفا ورلڊ ڪپ: اسپين بيلجيم کي 1-2 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

