آمريڪي حملن جي جواب ۾ ايران نار جي ملڪن تي ميزائل حملا ڪيا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


تهران:

ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور دعويٰ ڪئي آهي ته هن اردن ۾ پرنس حسن ايئر بيس تي آمريڪي فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو آهي. ايران آبنائے هرمز کي عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي.

ترجمان موجب حملي ۾ ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل استعمال ڪيا ويا، جڏهن ته ايئر اسپيس فورسز بيس جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۽ ايم ڪيو 9 ڊرونز جا هينگرز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ٻئي طرف ايران تي آمريڪي حملي کانپوءِ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي وئي آهي. بحرين ۾ سائرن وڄڻ جا اطلاع مليا آهن، جنهن جي تصديق بحرين جي گهرو وزارت به ڪئي آهي.

ٻئي طرف گڏيل عرب امارات جي بچاءَ واري وزارت موجب ايئر ڊفينس سسٽم ايران کان ايندڙ ميزائل ۽ ڊرون کي روڪڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن ته قطر جي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته ملڪ کي نشانو بڻائيندڙ ميزائل حملي کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب ايران آبنائے هرمز کي ايندڙ اطلاع تائين بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. انقلابي گارڊز جو چوڻ آهي ته هڪ جهاز هڪ غير مجاز رستي تان گذرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان تي ڊيڄاريندڙ شاٽ طور فائرنگ ڪئي وئي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ اطلاع تائين ڪنهن به جهاز کي آبنائے هرمز مان گذرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. انقلابي گارڊز خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن دشمن ان واقعي کي عذر طور استعمال ڪندي ڪنهن به قسم جي غلطي ڪئي ته ان جو سخت جواب ڏنو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment