بلوچستان ۾ فورسز جو گڏيل آپريشن شعبان جاري آهي، جنهن ۾ وڌيڪ 5 خوارجن کي جهنم ۾ موڪليو ويو.
سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن شعبان ۾ فتنا خوارج خلاف علائقي ۾ موثر ڪارروايون جاري آهن ۽ سڪيورٽي فورسز طرفان فضائي ۽ زميني ڪاررواين ۾ پرڏيهين کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
تازين ڪاررواين دوران وڌيڪ 5 پرڏيهين کي جهنم ۾ موڪليو ويو آهي، جنهن کانپوءِ آپريشن شعبان ۾ جهنم ۾ ويندڙ دهشتگردن جو انگ وڌي 76 ٿي ويو آهي.
سڪيورٽي ذريعن موجب 5 جولاءِ کان هن وقت تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ 114 خارجي دهشتگرد مارجي ويا آهن.
سڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين بلوچستان ۾ آپريشن شعبان جاري رهندو.
هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ فتني الهند جي دهشتگردن خلاف شعبان جي ڪامياب آپريشن تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
هن چيو ته پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس گڏيل آپريشن ۾ وڌيڪ 5 خوارجن کي مارڻ تي فورسز کي سلام پيش ڪريون ٿا. گهرو وزير دهشتگردن خلاف موثر زميني ۽ فضائي ڪارروائين تي سڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.
هن چيو ته وطن عزیز مان فتنيٰ هند جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ وارن کي عبرت جو نشانو بڻايو پيو وڃي. سڄي قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.
پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ هن وقت تائين 114 خوارج دهشتگردن جي مارجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جون فورسز انتهائي سرگرم، پروفيشنل ۽ الرٽ آهن. بلوچستان جي سرزمين تي رت وهائڻ وارا ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن.



