مناما: بحرين دعويٰ ڪئي آهي ته سندس فضائي دفاعي قوت ايران طرفان فائر ڪيل ڪيترن ئي ميزائل ۽ ڊرون حملن کي ڪاميابيءَ سان ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته حملن کانپوءِ شهرين کي ملبي يا اڻڄاتل شين کان پري رهڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
بحرين جي ڊفينس فورس جي جنرل ڪمانڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران اڱاري جي صبح به بحرين کي نشانو بڻائڻ لاءِ ميزائل ۽ ڊرون حملن جو سلسلو جاري رکيو پر ملڪ جو فضائي دفاعي نظام مڪمل طور تي سرگرم رهيو ۽ ڪيترائي هوائي هدف فضا ۾ ئي تباهه ڪيا ويا.
بيان موجب بحرين جا سمورا دفاعي ۽ فوجي يونٽ هاءِ الرٽ آهن ۽ بادشاهت، شهرين ۽ اهم تنصيبات جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.
بحرين جي اختيارين عوام کي اپيل ڪئي آهي ته حملن کانپوءِ زمين تي ڪريل ڪنهن به نامعلوم ملبي، ميزائل يا ڊرون جي حصن کي هٿ نه وجهن پر فوري طور تي لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڪن.
بحرين چيو ته رائل فيلڊ انجنيئرنگ يونٽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪنهن به مشڪوڪ يا خطرناڪ مواد کي محفوظ طور تي ڊسپوز ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.
بحرين جي ڊفينس فورس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ميزائلن ۽ ڊرونز سان شهرين ۽ نجي ملڪيتن کي نشانو بڻائڻ عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. اهلڪارن دفاعي اهلڪارن جي تياري، پيشيوراڻي صلاحيت ۽ بروقت ڪارروائي کي ساراهندي چيو ته هٿياربند فوج ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
اها پيش رفت هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب خليجي خطي ۾ سيڪيورٽي خدشا مسلسل وڌي رهيا آهن ۽ مختلف ملڪ پنهنجي دفاعي تيارين کي مضبوط ڪري رهيا آهن.


