سون جي قيمت مسلسل ٻن ڏينهن جي گهٽتائي کانپوءِ وڌي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ لڳاتار ٻن ڏينهن جي گهٽتائي کانپوءِ اڄ سون جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ استحڪام رهيو. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في اونس اگهه 9 ڊالر وڌي 4026 ڊالر رهيو. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو في تولو اگهه 900 رپيا واڌ سان 4 لک 25 هزار 366 رپيا ۽ سون جو في 10 گرام اگهه 771 رپيا وڌي 3 لک 64 هزار 399 رپيا ٿي ويو آهي. سون جي ڀيٽ ۾ چاندي جو في تولو اگهه 6 هزار 289 رپيا ۽ چاندي جو في 10 گرام اگهه 5 هزار 391 رپيا تي برقرار رهيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment