ڪراچي جي سينيئر سول جج شرقي جي عدالت ۾ بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جي اڏاوت دوران اوورسيز شهري جي حادثي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي..
حادثي ۾ اکين جي گم ٿيڻ تي شهري پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ٺيڪيدار خلاف هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي. درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذار سيد وقاص 2025ع ۾ حج ڪرڻ لاءِ پاڪستان آيو هو.
مئي 2025 جي رات جو، ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ، سندس ڪار يونيورسٽي روڊ تي روڊ جي وچ ۾ رکيل بيئر سان ٽڪرائجي وئي، جتي ڪو به ريفليڪٽر يا ڊيڄاريندڙ بورڊ نه هئا.
وڪيل موجب حادثي جي نتيجي ۾ مدعي جي هڪ اک گم ٿي وئي، جڏهن ته سندس چهري تي شديد زخم آيا. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ريڊ لائن منصوبي دوران پبلڪ پراپرٽي جي تحفظ جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون.
ان ڪري سنڌ حڪومت، بي آر ٽي انتظاميا ۽ ٺيڪيدار کي حڪم ڏنو وڃي ته طبي خرچن، بحالي، معذوري ۽ ٻين نقصانن جي مد ۾ 17.87 ملين رپيا هرجاڻي طور ادا ڪيا وڃن.


