اسلام آباد:
پاڪستان عالمي مصنوعي ذهانت جي تنظيم ”وائيڪو“ جو باني ميمبر بڻجي ويو آهي. ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزير افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل عبور ڪندي پاڪستان مصنوعي ذهانت جي فروغ لاءِ قائم ڪيل عالمي اداري ’وائيڪو‘ جي باني رڪنيت حاصل ڪري ورتي آهي.
شنگهائي ۾ هڪ خاص تقريب دوران پاڪستان سميت 29 ملڪن ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون.
هي نئون بين الحکومتي ادارو عالمي تعاون، مربوط گورننس ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جي برابري واري ترقي لاءِ ڪم ڪندو. هن تنظيم جو بنيادي مقصد مصنوعي ذهانت جي فائدن کي محفوظ ۽ منصفانه انداز ۾ دنيا تائين پهچائڻ آهي.

ميمبرن پنهنجي عزم کي ورجايو آهي ته هڪ گڏيل پليٽ فارم ذريعي، جديد دور جي چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي AI جي اخلاقي استعمال ۽ ٽيڪنالاجي معيارن کي مضبوط ڪيو ويندو.
پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستاني وفد سان گڏ شنگهائي ۾ منعقد ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪانفرنس 2026 (WAIC) جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
چيني صدر شي جن پنگ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو. اها تقريب گذريل رات باني ميمبرن پاران ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (WAICO) جي قيام لاءِ هڪ معاهدي تي صحيحن کانپوءِ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان به باني ميمبر طور شامل آهي.
عالمي سطح تي مصنوعي ذهانت جي جامع ۽ منصفاڻي حڪمراني لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجائيندي هن چيو ته اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز تائين وسيع پهچ، ترقي پذير ملڪن جي ظرفيت ۾ اضافو ۽ عالمي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي ته جيئن ڊجيٽل ورهاست کي گهٽايو وڃي ۽ مصنوعي ذهانت جا فائدا سڄي دنيا جي سڀني ملڪن ۽ انسانن تائين برابريءَ سان پهچن.


