آءِ ايس پي آر جي سهڪار سان پاڪستان جي شاگردن لاءِ سمر ڪيمپ 2026 جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان 4 هزار کان وڌيڪ شاگرد حصو وٺي رهيا آهن.
اڳوڻي سينيٽر ۽ تجزيه نگار جاويد جبار سمر ڪيمپ 2026 جي شرڪت ڪندڙن سان خصوصي ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته پاڪ فوج جا آفيسر فرنٽ لائينز تي جوانن سان گڏ وڙهندا آهن ۽ آفيسرن جي شهادت جو شرح دنيا جي فوجن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.
هن چيو ته پاڪستان جو قيام دنيا جي تاريخ ۾ هڪ منفرد واقعو هو، جيڪو قائداعظم جي وژن، استقامت ۽ سياسي حڪمت عملي جي ڪري ممڪن ٿيو.
هن چيو ته محدود وسيلن جي باوجود پاڪستان جي بهادر قوم عزم ۽ قربانيءَ سان هڪ مضبوط رياست جو بنياد رکيو، پاڪستان جي ثقافتي ۽ تاريخي سڃاڻپ نه رڳو سنڌو ماٿريءَ تائين پر مهر ڳڙهه جهڙي هزارين سال پراڻي تهذيب تائين پکڙيل آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي ذهانت، دردمندي، قومي رواداري ۽ منفرد مهمان نوازي جي ڪري دنيا ۾ هڪ نمايان مقام رکي ٿي.
ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي سينيٽر جاويد جبار چيو ته پاڪستان هميشه اصولي طور تي ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جي حمايت ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر جو سمر ڪيمپ نوجوانن ۾ قومي شعور، هاڪاري قدرن ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پيش رفت آهي.


