پيرو ۾ 5.5 شدت جو زلزلو، جاني نقصان

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پيرو ۾ 5.5 شدت جي زلزلي سبب هينئر تائين 6 ڄڻا مارجي ويا آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب پيرو جي مرڪزي علائقي اينڊس ۾ 5.5 شدت جي زلزلي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 300 جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿي ويا.

اختيارين موجب زلزلي جو مرڪز سيڪيا جي ويجهو هو. زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر ڊهي پيا، هڪ تاريخي گرجا گهر ۽ هڪ ڪنويٽ کي به سخت نقصان پهتو. ريسڪيو ٽيمون متاثر علائقن مان ملبہ هٽائي ممڪن متاثرين جي ڳولا ۾ مصروف آهن.

ياد رهي ته پيرو پئسفڪ رنگ آف فائر ۾ واقع آهي، جيڪو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ زلزلي وارن علائقن مان هڪ آهي. تنهن ڪري، هن نوعيت جا زلزلا اتي نسبتا عام آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment