عراق ۾ ايراني ڊرون طرفان اڇلايل بارودي مواد کي ناڪاره بڻائڻ جي ڪوشش ۾ هڪ آمريڪي سپاهي مارجي ويو، جنهن تي صدر ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي ايران کي سڌي ريت ڌمڪيون ڏنيون آهن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران جڏهن به آمريڪي فوجي کي ماريندو ته ان کي ان قتل جي ڪيتري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
هن وڌيڪ چيو ته سيڪريٽري دفاع پيٽ هيگسٿ، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊينيئل ڪائن ۽ سموري فوجي قيادت کي واضح هدايتون جاري ڪيون آهن ته آمريڪي اهلڪارن تي ڪنهن به حملي جو فوري ۽ زبردستي جواب ڏنو وڃي.
ياد رهي ته اڄ آمريڪي فوج عراق ۾ پنهنجي هڪ اهلڪار جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ ايران سان جاري جنگ ۾ مارجي ويل آمريڪي اهلڪارن جو انگ 17 ٿي ويو آهي.
هڪ الڳ بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو آمريڪا جو دورو ڪندو ته کيس ڪنهن به صورت ۾ گرفتار نه ڪيو ويندو.
ٽرمپ جو اهو بيان نيويارڪ جي ميئر زهران مامداني کانپوءِ سامهون آيو آهي ته نتنياهو سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت لاءِ نيو يارڪ آيو ته کيس گرفتار ڪري سگهجي ٿو.
واضح رهي ته عالمي فوجداري عدالت نيتن ياهو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي پر آمريڪا نه ته آءِ سي سي جو ميمبر آهي ۽ نه ئي عدالت جي فيصلن جو پابند آهي.


