عراق ۾ ايراني ڊرون طرفان اڇلايل بارودي مواد ڦاٽڻ سبب هڪ آمريڪي فوجي مارجي ويو.
عالمي خابرو اداري موجب آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته ڌماڪو عراق جي اترين علائقي ۾ ڪيرايل ايراني حملي آور ڊرون جي اڻ ڦاٽل ڌماڪيدار مادو کي ناڪاره بڻائڻ جي ڪوشش دوران پيش آيو.
آمريڪي فوج جي هڪ بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته هڪ آمريڪي سپاهي هڪ ڪنٽرول ٿيل ڌماڪي ۾ پنهنجي جان وڃائي ڇڏيو. جنهن کانپوءِ ايران سان جاري جنگ ۾ مارجي ويل آمريڪي فوجين جو انگ 17 ٿي ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته 28 فيبروري کان ايران سان جاري جنگ ۾ 420 کان وڌيڪ آمريڪي اهلڪار زخمي ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ فوجي اڃا تائين غائب آهي.
ان کان اڳ اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ايراني حملي ۾ 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا هئا، جڏهن ته هڪ فوجي لاپتا قرار ڏنو ويو هو.
آمريڪي ڊپارٽمينٽ آف ڊفينس تازو ئي ٻن مارجي ويل اهلڪارن جي سڃاڻپ 25 سالن جي ٽائلر جيمس فيهان ۽ 19 سالن جي ازبيلا گونزليز طور ڪئي آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي فوجين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا پنهنجي فوجين جي قرباني کي رائيگڻ نه ڏيندو.
هن ان عزم جو به اظهار ڪيو ته ايران کي ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏينداسين. آمريڪي فوج مارجي ويل آفيسرن جي اعزاز ۾ ايران تي تمام سخت حملا ڪيا آهن.


