سونم وانگچڪ جي حالت خراب، 60 کان وڌيڪ ڀارتي فنڪارن بک هڙتال ختم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڀارت جي 60 کان وڌيڪ نامور اديبن، فلم سازن، فنڪارن، دانشورن ۽ سماجي ڪارڪنن مشهور ماحولياتي ڪارڪن سونم وانگچڪ کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي 20 ڏينهن واري بک هڙتال ختم ڪري.

ميڊيا رپورٽن موجب اها اپيل هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن سونم وانگچڪ جي خراب صحت تي سڄي ملڪ ۾ سخت خدشا آهن.

گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته توهان اسان جي اجتماعي آواز ۽ ضمير جي نمائندگي ڪريو ٿا، اسان توهان کي وڃائڻ نٿا چاهيون. توهان جي زندگي هن جدوجهد لاء تمام قيمتي آهي.

بيان تي دستخط ڪندڙن ۾ نامور ناول نگار ارونڌتي راءِ، فلمساز زويا اختر ۽ ٻيون اهم شخصيتون شامل آهن، جن پڻ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سونم وانگچڪ ۽ احتجاج ڪندڙن سان فوري ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي ۽ انهن جي مطالبن تي سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي.

واضح رهي ته سونم وانگچڪ 20 ڏينهن کان دهلي ۾ بک هڙتال تي آهي. امتحاني پيپر ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي تعليم واري وفاقي وزير جي استعيفيٰ ۽ تعليمي نظام ۾ سڌارن جي مطالبن جي حمايت ۾ سندن احتجاج جاري آهي. احتجاج ۾ نوجوانن جو وڏو انگ به شرڪت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته 20 جولاءِ تي پارليامينٽ ڏانهن مارچ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.

طبي ماهرن موجب مسلسل بک هڙتال جي ڪري سونم وانگچڪ جو وزن ڪافي حد تائين گهٽجي ويو آهي ۽ سندس صحت انتهائي نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي، جنهن ڪري عضون جي خراب ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment