آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسي ايشن پيٽروليم شين جي روزاني قيمتن تي حڪومت سان ڳالهيون نه ٿيڻ بعد سڄي ملڪ ۾ اڻڄاتل هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسي ايشن جي اڳواڻ نعمان بٽ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته پيٽروليم واري وفاقي وزير سان ڳالهيون ڪنهن به مثبت نتيجي تي نه پهتيون جڏهن ته مارجن ۽ روزاني قيمتن تي عملدرآمد تي ڳالهيون ناڪام ٿي ويون.
هن چيو ته ڳالهين جي ناڪامي کانپوءِ 22 جولاءِ جي رات 12 وڳي کان سڄي ملڪ جا سمورا پيٽرول پمپ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ مطالبن جي مڃتا تائين ملڪ گير هڙتال جاري رهندي.
ايسوسي ايشن سمورن پيٽرول پمپ مالڪن کي هڙتال ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪندي 22 جولاءِ تي رات 12 وڳي کان سمورا پيٽرول پمپ مڪمل بند رکڻ جي اپيل ڪئي آهي.
هوڏانهن آل پاڪستان پيٽروليم ريٽيلرز ايسوسي ايشن جي مرڪزي اڳواڻ شعيب خان هڙتال جي حمايت جو باضابطا اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت جائز مطالبن تي هاڪاري فيصلو ڪري، جيستائين مطالبا نه مڃيا ويندا تيستائين پمپ بند رهندا.
ٻئي پاسي آل پاڪستان پيٽروليم ريٽيلرز ايسوسي ايشن سڄي ملڪ ۾ هڙتال جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت غير قانوني ۽ غير اخلاقي عملن خلاف هر هڙتال جي ڀرپور حمايت ڪندي.
انجمن چيو ته سڄي پاڪستان جا پيٽروليم واپاري هڙتال واري معاملي تي پنهنجن ڀائرن سان گڏ بيٺا آهن.
ان کان علاوه آل پاڪستان پيٽروليم ريٽيلرز ايسوسي ايشن سڄي ملڪ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي مطالبن جي حق ۾ جاري احتجاج جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آهي.


