ڀارت ۾ حڪومت مخالف احتجاج دوران ڪانگريس جي سينيئر اڳواڻ راهول گانڌي، سندس ڀيڻ پريانڪا گانڌي واڊرا ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن کي پوليس حراست ۾ ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪانگريس نوجوانن جي اڀرندڙ پارٽي ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاج ۾ نوجوان مظاهرين تي پوليس جي تشدد خلاف وزيراعظم نريندر مودي جي رهائشگاهه ويجهو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
مظاهرين نوجوانن تي پوليس جي ڪارروائي، تعليمي ڪرپشن ۽ بيروزگاري تي تازن واقعن خلاف نعرا هنيا جڏهن ته وزيراعظم نريندر مودي ۽ گهرو وزير اميت شاهه جي استعيفيٰ جو مطالبو پڻ ڪيو.
مظاهري جي اڳواڻي راهول گانڌي ڪئي وئي جڏهن ته پريانڪا گانڌي به ڪارڪنن سان گڏ موجود هئي جنهن کي منتشر ڪرڻ لاءِ پوليس طاقت جو استعمال ڪيو ۽ راهول گانڌي، پريانڪا گانڌي ۽ ڪيترن ئي ڪانگريسي ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو.
ڪانگريس جو چوڻ آهي ته احتجاج نوجوانن تي مبينا پوليس تشدد، سرڪاري نوڪرين ۾ بي ضابطگي، امتحاني پيپرن جي ليڪ ٿيڻ، تعليمي نظام ۾ ڪرپشن ۽ وڌندڙ بيروزگاري خلاف هو.
واضح رهي ته ڀارت ۾ گذريل ڪيترن ئي هفتن کان لکين شاگرد ۽ نوجوان مختلف رياستن ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته سرڪاري نوڪرين جي امتحانن ۽ ميڊيڪل جي داخلا ٽيسٽ ۾ پيپر ليڪ ٿيڻ جي واقعن نوجوانن جو مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته هو تعليم واري وفاقي وزير جي استعيفيٰ جو به مطالبو ڪري رهيا آهن.
ٻئي طرف ڪانگريس حڪومت تي اختلافن کي دٻائڻ ۽ پرامن احتجاج کي طاقت جي زور تي روڪڻ جو الزام هنيو آهي، جڏهن ته ان معاملي تي حڪومتي حلقن طرفان ڪو به فوري ردعمل سامهون نه آيو آهي.


