آمريڪي پينٽاگون عراق ۾ ايراني ڊرون کي ناڪاره بڻائڻ جي آپريشن دوران مارجي ويل پنهنجي سپاهي جي سڃاڻپ ظاهر ڪري ڇڏي آهي.
عالمي خابرو اداري موجب پينٽاگون پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مارجي ويل سپاهي 30 ورهين جو سارجنٽ مائيڪل ايمنيوئل سوئٽن هو، جيڪو نارٿ ڪيرولينا سان تعلق رکندڙ هو.
آمريڪي فوج طرفان جاري ڪيل بيان موجب سارجنٽ سوئٽن اتر عراقي شهر اربيل جي هوائي اڏي تي آچر تي قبضي ڪيل ايراني ڊرون کي محفوظ طور تي ناڪاره بڻائڻ جي آپريشن ۾ حصو ورتو.
ان دوران ڪنٽرولڊ ڊيوٽيشن جي ڪارروائي دوران ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. واقعي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
پينٽاگون اعلان ڪيو آهي ته سارجنٽ مائيڪل سوئنٽن کي آمريڪي فوج جي اعليٰ ترين فوجي اعزازن، برونز اسٽار، پرپل هارٽ ۽ ڪمبيٽ ايڪشن بيج سان مرڻ بعد نوازيو ويندو، جڏهن ته کيس اسٽاف سارجنٽ جي عهدي تي به مرڻ بعد ترقي ڏني ويندي.
واضح رهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪجهه ڏينهن جي جنگبندي کانپوءِ شروع ٿيل جنگ ۾ ڌرين طرفان هڪ ٻئي تي حملن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ايران خليجي ملڪن ۾ آمريڪي فوجين کي نشانو بڻايو آهي.
ايران دعويٰ ڪئي آهي ته اردن، مصر، ڪويت ۽ بحرين ۾ پنهنجي تازي فوجي ڪارروائين ۾ 5 کان وڌيڪ آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته هڪ لاپتا آهي.
ٻئي طرف پينٽاگون اڄ ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته ايران سان جنگ دوران نار ملڪن ۾ لڳ ڀڳ 100 آمريڪي فوجي زخمي ٿيا آهن. ان کان اڳ پينٽاگون رڳو اهو چيو هو ته 28 فيبروري کان وٺي ايراني حملن ۾ 14 آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن ۽ 427 اهلڪار زخمي ٿيا آهن.


