حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ روزاني تبديلي عوام تي بار وڌندي وئي آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب نئين نظام کانپوءِ رڳو ٽن ڏينهن ۾ ڊيزل جي قيمت ۾ 20 رپيا 69 پئسا في ليٽر واڌ ٿي وئي، جڏهن ته 6 ڏينهن ۾ ڪل قيمت ۾ 52 رپيا 19 پيسا واڌ ٿي وئي.
ڊيزل جي قيمت ٽن ڏينهن ۾ 354.35 پئسا مان وڌي 375.4 پئسا ٿي وئي.
اهڙي طرح پيٽرول ٽن ڏينهن دوران 11 رپيا 32 پئسا مهانگو ٿي ويو، پيٽرول جي قيمت ۾ 3 ڏينهن ۾ رڳو هڪ ڀيرو 35 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي، جڏهن ته 3 ڏينهن ۾ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 315.80 رپيا مان وڌي 327.12 رپيا ٿي وئي.
واضح رهي ته گذريل هفتي جي آخر ۾ ڊيزل 31 رپيا 5 پئسا مهانگو هو جڏهن ته پيٽرول 5 رپيا 44 پيسا مهانگو ٿيو هو.
ان کان اڳ آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به واڌ ڪئي هئي.
نوٽيفڪيشن موجب اوگرا پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 39 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 327 رپيا 12 پيسا ٿي وئي. ان کان علاوه هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 83 پئسا واڌ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ قيمت 375 رپيا 4 پئسا في ليٽر ٿي وئي.


