بين الاقوامي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي اسٽينڊ اينڊ پوئرز (S&P) گلوبل پاڪستان جي لانگ ٽرم انسٽرومينٽس جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي منفي B کان B ڪري ڇڏيو آهي.
تفصيل موجب ان بهتري سان پاڪستان لڳ ڀڳ 8 سالن کانپوءِ ٻيهر بي ڪيٽيگري ۾ شامل ٿي ويو آهي، ان کان اڳ پاڪستان 31 آڪٽوبر 2016ع کان 3 فيبروري 2019ع تائين ساڳئي ڪيٽيگري ۾ هو، ايس اينڊ پي گلوبل موجب پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري جو سبب مضبوط اداراتي صلاحيت، آءِ ايم ايف جي سهڪار سان جاري سڌارن تي مسلسل عملدرآمد ۽ پرڏيهي مٽا سٽا جي ڪارڪردگي ۾ نمايان واڌ آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز پاران پاڪستان جي خودمختار ڪريڊٽ ريٽنگ کي ”بي-“ مان ”بي“ ڪرڻ جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هي پيش رفت ملڪي معيشت لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي، اها ڪاميابي حڪومت جي موثر معاشي پاليسين، مالياتي نظم و ضبط، سڌارن جي قدمن ۽ قومي معيشت جي استحڪام لاءِ مسلسل ڪوششن تي عالمي اعتماد جو مظهر آهي.
هن چيو ته عالمي اداري طرفان پاڪستان جي رينڪنگ ۾ بهتري معيشت جي استحڪام، ٽيڪس نظام کي بهتر بڻائڻ، مالياتي خسارو گهٽائڻ ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي صحيح رخ ۾ قدمن جو ثبوت آهي.
اها پيش رفت عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ڪندي، سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪندي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي رفتار ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي.
وزيراعظم ان ڪاميابي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، اقتصادي ٽيم ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو.


