اسحاق ڊار جو ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو، اهم منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي اهم منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشيا ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ليه گوٽيرس سندس آجيان ڪئي.

ان موقعي تي نائب وزيراعظم بئنڪ جي وزٽر بڪ ۾ پنهنجا رايا رڪارڊ ڪيا.

بعد ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۾ پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نشيتا محسن ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي اعزاز ۾ ماني جي دعوت ڏني، جنهن ۾ بئنڪ جي سينيئر پاڪستاني پروفيشنلز پڻ شرڪت ڪئي.

ملاقات دوران ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بدلجندڙ ترقياتي ايجنڊا، پاڪستان سان ڀائيواري، مختلف شعبن ۽ خطن ۾ بئنڪ جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستاني ماهرن جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

بئنڪ جي مشن لاءِ سندن قيمتي خدمتن کي ساراهيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انهن ماهرن جي قيادت ۽ صلاحيت پاڪستان لاءِ فخر جو باعث آهي.

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۾ پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جو عهدو سنڀالڻ تي نيشيتا محسن کي مبارڪباد ڏني ۽ بئنڪ سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ سندس ڪاميابي جي خواهش ڪئي.

ان دوران نائب وزيراعظم مين لائن ون منصوبي کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ترجيح قرار ڏنو. هن ADB جي ايم ايل 1 پروجيڪٽ ۾ مسلسل سهڪار کي ساراهيو ۽ منظوري ۽ عملدرآمد جي مرحلن کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو.

ان موقعي تي اي ڊي بي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان سان ويجهي تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. بئنڪ آفيسرن چيو ته ML-1 منصوبو پاڪستان جي ريلوي نظام کي جديد بڻائڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment