اسلام آباد:
حڪومت مالي سال 2025-26 لاءِ ترقياتي قرضن تي مارڪ اپ جي حتمي شرح 11.89 سيڪڙو في سال مقرر ڪئي آهي.
ناڻي واري وزارت ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2023-24 ۾ مارڪ اپ جي شرح 17.84 سيڪڙو ۽ 25-2024ع ۾ 17.74 سيڪڙو هئي.
نوٽيفڪيشن موجب صوبائي حڪومتن، مقامي حڪومتن، مالياتي ۽ غير مالياتي ادارن ۽ ٻين ڪارپوريشنز جي ترقياتي قرضن تي 11.89 سيڪڙو سالياني مارڪ اپ لاڳو ٿيندو، مالي سال 26-2025ع لاءِ وفاقي حڪومت جي ڪمرشل کاتن جي سرمائيداريءَ تي به 11.89 سيڪڙو سالياني مارڪ اپ مقرر ڪيو ويو آهي.
اهڙي طرح، 11.89 سيڪڙو سالياني مارڪ اپ مالي سال 2025-26 دوران گاڏين ۽ گهر جي تعمير لاءِ قرضن ۽ پيش قدمي تي چارج ڪيو ويندو.


