حڪومت جو فوري طور تي 1 ملين ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

وفاقي حڪومت صوبن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ فوري طور تي 1 ملين ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايڪسپريس نيوز موجب عوام کي سستي ۽ معياري ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جي پاليسي کي نظر ۾ رکندي وفاق ۽ سمورن صوبن وچ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي، قيمت ۽ رسد جي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، جنهن ۾ گڏيل اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته پاسڪا وٽ موجود ڪڻڪ صوبن جي ضرورتن مطابق فوري طور تي فراهم ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو ته صوبن جي ڪل ضرورت پاسڪو وٽ موجود ذخيرن کان وڌيڪ آهي، ان ڪري ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ مارڪيٽ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ 10 لک ٽن ڪڻڪ فوري طور تي درآمد ڪئي ويندي.

ان حوالي سان فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته وفاقي حڪومت عوام کي سستي ۽ معياري ڪڻڪ فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پاسڪو جا ذخيرا صوبن جي ضرورتن مطابق فوري طور تي فراهم ڪيا ويندا.

راڻا تنوير حسين چيو ته صوبن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ 1 ملين ٽن ڪڻڪ فوري طور تي درآمد ڪئي ويندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment