سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري ڪينسر جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ 9 دوائن کي جعلي، غير معياري ۽ غير رجسٽرڊ قرار ڏئي ڇڏيو.
ڊائريڪٽر سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري سيد عدنان رضوي انڪشاف ڪيو ته ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري جي رپورٽ موجب ڪجهه ڪينسر جي دوائن ۾ گهربل فعال جز موجود نه هو.
عدنان رضوي چيو ته رپورٽ موجب ڪجهه دوائن تي ڊريپ جو رجسٽريشن نمبر به نه هو، ڪيترائي آنڪولوجسٽ نسخن تي مخصوص فارميسي جو نالو لکندا آهن.
عدنان رضوي چيو ته جعلي ۽ غير معياري ڪينسر جون دوائون مريضن جي زندگين لاءِ سنگين خطرو آهن، جعلي ڪينسر جي دوائن سان علاج ڪارائتو ناهي، بيمارين جو خطرو وڌي ٿو.


