ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي، 3500 ڪشميري گرفتار، گهرن کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


مودي حڪومت مسلم دشمني جي ايجنڊا تي ٻڌل ڪشميرين جي حق خوداراديت کي دٻائڻ لاءِ ظلم ۽ جبر جون حدون پار ڪري رهي آهي.

والاريل ڪشمير ۾ پوليس اهلڪار جي شهادت کانپوءِ ڀارتي حڪومت نه رڳو هزارين ڪشميرين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو پر ملڪيتن کي به ڊاهڻ شروع ڪيو.

ڀارتي رسالي انٽرنيشنل بزنس ٽائمز موجب اننت ناگ ضلعي ۾ پوليس اهلڪار جي قتل کانپوءِ ڪريڪ ڊائون، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياسي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب هڪ پوليس اهلڪار جي شهادت کانپوءِ قابض ڀارتي فورسز والاريل ڪشمير ۾ 2 رهائشي گهرن کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

ڀارتي فورسز وڏي ڪارروائي دوران 3500 ڪشميرين کي گرفتار ڪري ورتو. ترڪ نيوز ايجنسي ٽي آر ٽي به قابض فوج طرفان هزارين ڪشميرين جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي.

وڏي وزير عمر عبدالله ڪشميرين جي گرفتارين تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته؛
اسان هندستاني حڪومت طرفان پهلوگام حملي کانپوءِ به اهڙي ئي صورتحال ڏٺي.

اڳوڻي وڏي وزير محبوبه مفتي به مودي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته هزارين ڪشميرين جي گرفتاري ۽ سندن گهر ڊاهڻ اجتماعي سزا آهي، جنهن جي جمهوريت ۾ ڪا به جاءِ ناهي.

انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب ڀارتي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ ظلمن ۾ نمايان اضافو ڪيو آهي.

والاريل ڪشمير ۾ وڌندڙ ظلم ظاهر ڪري ٿو ته مودي حڪومت ڪشميرين جي جذبي آزادي کي دٻائڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment