ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ: پاڪستان پهرين اننگز ۾ ٽئين ڏينهن 282 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 282 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو ۽ ميزبان ٽيم کي 29 رنسن جي برتري حاصل آهي. برائن لارا ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ جاري ميچ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون ٺاهي پنهنجي نامڪمل اننگز ٻيهر شروع ڪئي پر ڪپتان شان مسعود کانسواءِ ڪو به بيٽسمين بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو ۽ پوري ٽيم 80.1 اوورن ۾ 282 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي. پاڪستان طرفان شان مسعود 109 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، جڏهن ته امام الحق 63 رنسن سان ٻيون نمايان بيٽسمين رهيو. انهن ٻن کان سواءِ ٻيو ڪو به رانديگر ويسٽ انڊين بالرن جي سامهون بيهي نه سگهيو. ويسٽ انڊيز طرفان جسٽن گريوز بهترين بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڪيمار روچ ۽ شمر جوزف 2-2 ۽ جيڊن سيلز هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ويسٽ انڊيز پنهنجي ٻي اننگز شروع ڪئي ۽ لکڻ وقت 25 رنسن تي 2 وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته ميزبان ٽيم کي 54 رنسن جي مجموعي برتري حاصل آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment