سون جو اگهه ٻيهر وڌڻ لڳو، في تولو ڪيترو ٿي ويو؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في اونس اگهه 40 ڊالر وڌي 4093 ڊالر ٿي ويو. مقامي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في تولو اگهه به 4 هزار رپيا واڌ سان 4 لک 31 هزار 736 رپيا ۽ سون جو في 10 گرام اگهه 3 هزار 430 رپيا واڌ سان 3 لک 70 هزار 144 رپيا ٿي ويو آهي. اهڙي طرح چاندي جو في تولو اگهه 100 رپيا وڌي 6 هزار 397 رپيا ۽ چاندي جو في 10 گرام اگهه به 86 رپيا وڌي 5 هزار 484 رپيا ٿي ويو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment