پشاور:
احتساب عدالت ڪوهستان ڪرپشن اسڪينڊل جي مرڪزي جوابدار قيصر اقبال جي طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
احتساب عدالت جي جج محمد ظفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار شوگر، دل جي بيمارين ۾ مبتلا آهي، جوابدار کي سينيئر ۽ سٺن ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ جي ضرورت آهي، عدالت جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ته جيئن علاج ٿي سگهي.
نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار قيصر اقبال 36 ارب رپين جي ڪوهستان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جو مرڪزي جوابدار آهي.
دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت جوابدار قيصر اقبال جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.


