پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) قومي سينيئر، جونيئر ۽ انڊر 18 ٽيمن جي نئين مئنيجمينٽ پينلز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
تفصيل موجب پاڪستان هاڪي فيڊريشن پي ايڇ ڊي جي صدر محي الدين احمد واني جي منظوري کانپوءِ پروفيشنل ڊولپمينٽ ڪميٽي جي سفارشن تي عمل ڪندي نون ڪوچنگ ۽ مئنيجمينٽ پينلز جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اولمپئن منظور الحسن کي قومي سينيئر ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
انهن کي سپورٽ ڪرڻ واري ڪوچنگ پينل ۾ اولمپين خواجه محمد جنيد (ڪوچ)، اولمپين وسيم احمد (ڪوچ)، انٽرنيشنل عدنان ذاڪر (ڪوچ)، انٽرنيشنل مظهر عباس (گول ڪيپنگ ڪوچ)، اولمپين شڪيل عباسي (ڪوچ) شامل آهن.
اولمپين اياز محمود کي پاڪستان جونيئر ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. ڪوچز پينل ۾ اولمپين سمير حسين (ڪوچ)، انٽرنيشنل اظفر يعقوب (ڪوچ)، انٽرنيشنل عمران بٽ (ڪوچ) شامل آهن.
اولمپئن قمر ابراهيم کي پاڪستان يوٿ (انڊر 18) ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. اولمپين ريحان بٽ (ڪوچ)، انٽرنيشنل ياسر اسلام (ڪوچ)، اولمپين عمر ڀٽا (ڪوچ) انهن ۾ شامل آهن، جيڪي ساڻس گڏ ڪوچنگ جا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.


