قومي ايئر لائن پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي فنانس اينڊ سپلائي چين ڊپارٽمينٽ کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب شروعاتي مرحلي ۾ ناڻي کاتي جي جي ايم سيد سميت گروپ 7 تائين جي 20 آفيسرن کي ڪوڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو.
اهڙي طرح سپلائي چين ڊپارٽمينٽ جي جي ايم سميت 6 آفيسرن جي بدلي کي به فيصلي کانپوءِ يقيني بڻايو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حتمي منظوري کانپوءِ سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي 2 مئي تائين اسلام آباد رپورٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون وينديون.
پي آءِ اي جي چيف هيومن ريسورس آفيسر جي منظوري کانپوءِ فوري طور تي تبادلي تي عمل ڪيو ويندو، جڏهن ته جي ايم ليول جي آفيسرن کي هڪ لک رپيا شفٽنگ الائونس ڏيڻ جي تجويز آهي.
ذريعن موجب انتظاميا طرفان آفيسرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي ۽ ان حوالي سان مشاورت جو عمل جاري آهي.


