آءِ ايم ايف جو مشن بجيٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ مئي ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آءِ ايم ايف مشن پاڪستان جي ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي وفاقي بجيٽ ۽ ٻين معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ مئي ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو.

ناڻي واري وزارت موجب ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر نائجيل ڪلارڪ سان ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي اسپرنگ ميٽنگ 2026ع جي موقعي تي ملاقات ڪئي، ان ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان جي پرڏيهي مالي ضرورتن، آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد ۽ مجموعي معاشي صورتحال تي صحيحون ڪندي چيو ته مجموعي معاشي صورتحال ۾ اهم ڪردار ادا ڪن.

سينيٽر اورنگزيب چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ جي ڪارڪردگي توقع کان بهتر رهي آهي، رمضان المبارڪ دوران ترسيل ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب جي مالي مدد ۽ ذخيرن جي رول اوور سان پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن.

ناڻي واري وزير پاڪستان جي مالي حڪمت عملي بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته حڪومت مالي ذريعن جي تنوع تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ پانڊا بانڊ، يورو بانڊ ۽ مقامي ڪرنسي ۾ فنانسنگ ذريعي پرڏيهي مٽاسٽا جي خطرن کي گهٽائڻ جي ڪوشش شامل آهي.

سينيٽر اورنگزيب نائيجل ڪلارڪ جي پاڪستان جي پروگرام تي عملدرآمد ۽ مالياتي حڪمت عملي جي مثبت جائزي خاص طور تي مختلف فنانسنگ ذريعن کي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي ساراهيو. ٻنهي طرفن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته علائقائي ۽ عالمي حالتن جا اثر ڊگھي وقت تائين ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته مٽاسٽا جي شرح جي لچڪ کي برقرار رکيو وڃي ۽ مالياتي خلا کي محفوظ ڪيو وڃي، بجاءِ خطرناڪ قرضن سان ترقي کي هٿي ڏيڻ جي.

ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف جي مشن جي ايندڙ مهيني پاڪستان اچڻ جي به آجيان ڪئي، جيڪو بجيٽ ۽ پروگرام سان لاڳاپيل ٻين معاملن جو جائزو وٺندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment