پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين ايڊيشن جا سنسني خیز ميچ اڄڪلهه ڪراچي ۾ جاري آهن.
تفصيل موجب نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ حادثي ۾ سخت زخمي ٿيل ملازمن جي حالت هاڻي بهتر آهي.
خميس تي ڊبل هيڊر جي ٻئي ميچ جي پڄاڻيءَ تي امپائرنگ دوران لوهي گيٽ ڪري پيو جنهن سبب پي سي بي جا ٻه ملازم سخت زخمي ٿي پيا.
گرائونڊ اسٽاف سان تعلق رکندڙ يونس ۽ عمران کي ايمبولينس ذريعي طبي امداد لاءِ مقامي اسپتال پهچايو ويو.


