ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۽ وفاقي حساس اداري ڳجهن ذريعن کان مليل اطلاع تي گڏيل ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم فتنا الهند جي 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. سي ٽي ڊي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب پابندي مڙهيل تنظيم فتنا الهند جي گرفتار دهشتگردن جي سڃاڻپ ميانداد بلوچ، محمد عمران ۽ رحمان عرف بادشاهه جي نالن سان ٿي آهي. هن چيو ته گرفتار دهشتگرد رحمان عرف بادشاهه جعفر ايڪسپريس حملي ۾ مارجي ويل دهشتگرد ظفر جو ويجهو ساٿي ۽ دوست آهي. ترجمان موجب ڇاپي دوران گرفتار دهشتگردن وٽان 30 بور جا 3 پستول ۽ 18 گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون، جيڪي تنظيم ڪراچي ۾ پنهنجي ماسٽر مائينڊ جي حڪم تي ڪارروايون ڪرڻ لاءِ ڏنيون هيون. هن چيو ته گرفتار دهشتگردن کان جاچ جو عمل جاري آهي، وڌيڪ سنسني خیز انڪشافن جو امڪان آهي، جڏهن ته دهشتگردن جي ساٿين ۽ ٽارگيٽ ڪلرز جي گرفتاري لاءِ سي ٽي ڊي ۽ وفاقي حساس اداري جون گڏيل ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جيڪي سندن ساٿين ۽ سهولتڪارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهن. ترجمان وڌيڪ چيو ته سي ٽي ڊي پوليس گرفتار دهشتگردن خلاف غير قانوني هٿيار هٿ ڪرڻ جا 3 ڪيس داخل ڪيا آهن.
Source link

ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي گڏيل ڪارروائي، فتنا الهند جا 3 دهشتگرد گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

