اسلام آباد:
ملڪ ۾ ڊيمن سبب پاڻي جي استعمال ۾ واڌ سبب بجلي جو شارٽ فال هاڻي 3 هزار ميگاواٽ ٿي ويو آهي.
ارسا صوبن کان پاڻي جي گهرج ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي ڊيمن مان پاڻي ڇڏڻ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت تربيلا ڊيم مان پاڻي ڇڏڻ جو وقت 8 هزار ڪيوسڪ مان وڌائي 30 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته منگلا ڊيم مان پاڻي ڇڏڻ جي شرح 15 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح سنڌ صوبي جو پاڻي جو حصو 35 هزار مان وڌائي 50 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب جو حصو 33 هزار مان وڌائي 43 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي ڇڏڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سان بجلي جي پيداوار ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.
ڊيمن مان پاڻي ڇڏڻ سبب هائيڊرو پاور جي پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته بهتر موسم سان بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جنهن سبب بجلي جو شارٽ فال 3 هزار ميگاواٽ تائين گهٽجي ويو آهي.
هائيڊرو پاور ذريعن مان بجلي جي پيداوار 3400 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي.
انگن اکرن موجب ٿرمل پاور پلانٽس 8000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن جڏهن ته ائٽمي پاور پلانٽس 2880 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح ونڊ پاور پلانٽ 1300 ميگاواٽ، سولر 350 ميگاواٽ جڏهن ته بياس پاور پلانٽ 80 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن.
ملڪ ۾ بجلي جي ڪل پيداوار 16 هزار 10 ميگاواٽ آهي جڏهن ته مجموعي طلب 19 هزار ميگاواٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن سبب شارٽ فال برقرار آهي پر ان ۾ گهٽتائي آئي آهي.
بجلي جي صورتحال ۾ بهتري کانپوءِ اسلام آباد ريجن ۾ لوڊشيڊنگ صفر ٿي وئي آهي، جنهن سان صارفين کي رليف مليو آهي.


