پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ لاهور قلندرز راولپنڊي کي 32 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ايونٽ جي 27هين ميچ ۾ راولپنڊي جي ٽيم 211 رنسن جي تعاقب ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهي سگهي، ياسر خان 58 ۽ سعد مسعود 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ٻيا بيٽسمين ڊيرل مچل 11، ڪپتان محمد رضوان 9، ڊين فاريسٽر 8، شاهزيب خان 7، سام بلنگز 7، رضا الله 5 ۽ ڪول ميڪونچي 3 جي انفرادي اسڪور تي آئوٽ ٿيا، آصف آفريدي ۽ محمد عامر 4، 4 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ پويلين موٽيا. قلندرز طرفان حارث رئوف 3، شاهين شاهه آفريدي 2 ۽ اسامه مير 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. سڪندر رضا ۽ ڊينيل سمز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ان کان اڳ لاهور قلندرز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنسون ٺاهيون. لاهور قلندرز طرفان فخر زمان 84 رنسون ٺاهيون. محمد فاروق 63، عبدالله شفيق 26 ۽ سڪندر رضا 0 رنسن جي انفرادي اسڪور تي آئوٽ ٿيا، آصف علي 14 رنسن تي ناٽ آئوٽ ۽ چارٿ اسلانڪا 1 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، راولپنڊي طرفان محمد عامر ۽ رضا الله 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
Source link

پي ايس ايل 11: لاهور قلندرز راولپنڊي کي 32 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

