مملڪتي وزير چيو ته ڊيزل کانپوءِ عالمي سطح تي پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويندو

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته ڊيزل کانپوءِ ايندڙ جمعي تي پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويندو ۽ اها گهٽتائي عالمي قيمتن جي تناظر ۾ ڪئي ويندي.

هن اها ڳالهه ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته پاڪستان 4 سالن کانپوءِ عالمي يورو بانڊ مارڪيٽ ۾ شامل ٿي سگهيو آهي.

هن چيو ته گذريل سال جي بجيٽ ۾ شق 37 اي ۾ ترميم ڪري اختيار گهٽايا ويا هئا.

ڪراچي پاڪستان جي معاشي سرگرمين جو مرڪز آهي. ڪراچي جي دوري جو مقصد معاشي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل مسئلن کي حل ڪرڻ آهي.

هن چيو ته فيبروري 2024ع کان اڄ تائين حڪومت معاشي استحڪام جي سفر تي هلي رهي آهي، جنهن ۾ مهانگائي گهٽائڻ، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ ۽ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ شامل ٿيڻ جهڙا قدم کنيا ويا. ماضيءَ ۾ به معيشت ۾ وهڪرا آيا، جنهن ۾ جي ڊي پي جي واڌ ويجهه ۾ اضافو ٿيو، پر نتيجي ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا گهٽجي ويا.

هن چيو ته خانگي شعبي جي قيادت ۾ پائيدار معاشي ترقي ٿيڻ گهرجي. حڪومت معاشي ترقي لاءِ خانگي شعبي جي مدد ڪندي.

وزيراعظم برآمدات جي واڌاري لاءِ ڪيترائي سڌارا ڪيا جن تحت ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ جو انتظام برآمد ڪندڙن جي حوالي ڪرڻ جهڙا قدم کنيا ويا.

سمورن چيمبرز آف ڪامرس جي صدرن سان هر هفتي مشاورتي گڏجاڻيون پڻ ٿينديون هيون. مشاورت ذريعي مسئلا حل ڪنداسين.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنگبندي سان نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا جي معيشتن کي به فائدو ٿيو آهي. جنگبندي سان معيشت ۾ بهتري ايندي.

هن چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽس هڪ سٺو اوزار آهي جنهن تي اوورسيز پاڪستانين جو اعتماد آهي جنهن ذريعي سرمائي پاڪستان منتقل ڪري سگهجي ٿي. آر ڊي اي ذريعي، اوورسيز پاڪستاني معيشت جي هر شعبي ۾ محفوظ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا جن ۾ اسٽاڪ، ملڪيت شامل آهن.

پرڏيهي مٽاسٽا پاڪستان آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم ايڪسپورٽرز ايوارڊ تي چيو آهي ته ايڪسپورٽر اسان جي مٿي جو تاج آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment