ڳڙهي ياسين ويجهو هٿياربندن ڪوچ روڪي مسافرن کي ڦري ويا.

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


– اشتهار –

ڳڙهي ياسين ڀرسان هٿياربندن ڪوچ کي هٿيارن جي زور تي روڪي مسافرن کي ڦر ڪري فرار ٿي ويا. متاثر مسافرن پاران سون واهه بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بدامني وڌي وئي آهي، مسافرن سميت ڪو به شهري محفوظ ناهي. هنن چيو ته پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن سبب شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته روڊ تي پوليس اهلڪار مقرر ڪري ڦر ڪيل نقدي ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment