اسلام آباد:
ٻنھي شهرن ۾ 20 اپريل تي آفيسون بند ڪرڻ جو جعلي نوٽيفڪيشن وائرل ٿي ويو، ضلعي انتظاميا موڪلن کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ضلعي انتظاميا موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي نالي تي ڪوڙا اعلان گردش ڪري رهيا آهن، 20 اپريل کان آفيسون بند ڪرڻ جون خبرون بي بنياد آهن، شهري اڻ تصديق ٿيل خبرن تي يقين نه ڪن، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ معمول جي زندگي هلندي.

ضلعي انتظاميا وڌيڪ چيو آهي ته سرڪاري سطح تي موڪلن جو اعلان ناهي ڪيو ويو، راولپنڊي اسلام آباد ۾ 20 اپريل تي سرڪاري موڪل ناهي، 20 اپريل جي موڪل جو وائرل نوٽيفڪيشن جعلي آهي.


