ايراني ڪرنسي جي غير قانوني خريداري ۽ وڪري ۾ ملوث جوابدار گرفتار، ڏيڍ ارب ايراني ريال هٿ

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل ڪراچي غير قانوني ايراني ڪرنسي جي خريد و فروخت ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري اڍائي ارب ايراني ريال هٿ ڪري ورتو.

ايف آءِ اي ترجمان موجب ڪارروائي دوران جوابدار سيد جهانزيب شاهه کي حراست ۾ ورتو ويو، جوابدار جي قبضي مان 1.45 ارب ايراني ريال هٿ ڪيا ويا، جوابدار جي موبائل فونن جي تجزيي ۾ غير قانوني ڪرنسي واپار جا ٺوس ثبوت سامهون آيا.

ترجمان موجب جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ FIACBC ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي، جوابدار خلاف ايف آءِ آر نمبر 29/2026 داخل ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment