اتر ڪوريا هڪ ڀيرو ٻيهر بيلسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي.
اتر ڪوريا جي فوج موجب، اهي ميزائل اتر ڪوريا جي اوڀر ساحل تي واقع شهر سنپو جي ويجهو مقامي وقت موجب صبح 6 لڳي 10 منٽن تي فائر ڪيا ويا. ميزائل تقريباً 140 ڪلوميٽر پرواز ڪرڻ بعد سمنڊ ۾ ڪري پيو.
رپورٽن مطابق اتر ڪوريا جو هن مهيني ۾ اهو چوٿون ۽ 2026 کانپوءِ ستين ميزائل تجربو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پيانگ يانگ مسلسل پنهنجي فوجي صلاحيت ۾ اضافو ڪري رهيو آهي.
جاپاني حڪومت پڻ تصديق ڪئي آهي ته ميزائل ڪورين جزائر جي اوڀر سامونڊي ڪناري کان سمنڊ ۾ ڪري پيا، پر ڪنهن به جاني نقصان جي خبر ناهي.
ميزائل ٽيسٽ کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا جي صدارتي آفيس بليو هائوس کي هنگامي سيڪيورٽي اجلاس طلب ڪيو. آفيسرن انهن تجربن کي اشتعال انگيز قرار ڏيندي چيو ته اهي گڏيل قومن جي قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اڃا تائين اهو واضح ناهي ته ميزائل ڪهڙي قسم جو فائر ڪيو ويو پر سنپو اهم ماڳ آهي جتي آبدوز ۽ آبدوز کان لانچ ٿيندڙ بيلسٽڪ ميزائل جا تجربا ڪيا ويندا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙا مسلسل ميزائل تجربا خطي ۾ عدم استحڪام ۽ عالمي سيڪيورٽي خدشن کي وڌائي سگهن ٿا.


