ايران جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي واضح ڪيو آهي ته ايران جو هن وقت آمريڪا سان ڳالهين جي نئين دور جو ڪو به منصوبو ناهي.
ترجمان موجب موجوده صورتحال ۾ تهران طرفان واشنگٽن سان سڌي ريت ڳالهين جي حوالي سان ڪا به اڳڀرائي نه ٿي رهي آهي.
اسماعيل بقاي موجب آمريڪا ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو سفارتي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ سنجيده ناهي.
هن چيو ته آمريڪا سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ ايران ثالثي پاڪستان کي آگاهه ڪيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اختلاف اڃا به موجود آهن، جنهن سبب جلد ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان ناهي.
سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ، جنهن ۾ بحري بندش ۽ ايٽمي پروگرام شامل آهن، ڳالهين جي عمل کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ اعتماد جي کوٽ به ٻنهي ملڪن وچ ۾ فاصلن کي وڌائي ڇڏيو آهي.
ماهرن موجب جيڪڏهن ڇڪتاڻ گهٽ نه ٿي ته ويجهي مستقبل ۾ ڳالهين جي بحالي مشڪل نظر اچي ٿي، جڏهن ته خطي ۾ امن جا امڪان به متاثر ٿي سگهن ٿا.


