لوزيانا جي شهر شيريوپورٽ ۾ فائرنگ جي افسوسناڪ واقعي سڄي علائقي کي سوگهو ڪري ڇڏيو، جتي هڪ شخص پنهنجي ئي 7 ڄڻن سميت 8 ٻارڙن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب اهو واقعو آچر جي صبح ٻن مختلف گهرن ۾ پيش آيو. مارجي ويل ٻارڙن جي عمر هڪ سال کان 12 سالن جي وچ ۾ آهي. زخمين ۾ هڪ عورت به شامل آهي جيڪا مبينا طور تي جوابدار جي ٻارن جي ماءُ آهي.
پوليس ترجمان موجب جوابدار جي سڃاڻپ شيمر ايلڪنز جي نالي سان ٿي آهي، پوليس سان فائرنگ ۾ مارجي ويو جڏهن ته فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس ترجمان موجب. اختيارين موجب جوابدار فرار ٿيڻ دوران بندوق جي زور تي گاڏي به چوري ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب اهو واقعو گهرو نوعيت جو هو، جڏهن ته ان جي مڪمل جاچ جاري آهي ۽ اڃا تائين واقعي جا سبب واضح نه ٿي سگهيا آهن.
شيريوپورٽ جي ميئر ان سانحي کي شهر جي تاريخ جو بدترين واقعو قرار ڏيندي چيو ته اهو هڪ دل ڏاريندڙ واقعو هو.
ٻئي طرف مائيڪ جانسن ۽ رياست جي گورنر جيف لينڊري به سوشل ميڊيا تي ڏک جو اظهار ڪندي مارجي ويلن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو هن ڏکئي وقت ۾ متاثرن سان گڏ آهن.
انگن اکرن موجب آمريڪا ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ اجتماعي فائرنگ جا واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن، جن ۾ درجنين ماڻهن خاص ڪري ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
ماهرن موجب اهڙا واقعا آمريڪا ۾ وڌندڙ بندوق جي تشدد ۽ گهريلو تڪرارن جي سنگين نتيجن جي عڪاسي ڪن ٿا، جن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت قدمن جي ضرورت آهي.


