قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد رضوان جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم ۾ منهنجي جاءِ اهڙي ڪارڪردگي تي ناهي ٺاهي.
نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته بگ بيش ليگ دوران مون پاڻ حارث رئوف کي چيو هو ته منهنجي موجوده ڪارڪردگي مون کي ٽيم ۾ جاءِ نه ڏيندي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته مان دل هارائيندس.
هن صحافين کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان اهو ئي شخص آهيان جنهن بابت توهان چيو هو ته اهو ڇڙو نه ٿو هڻي سگهي.
محمد رضوان چيو ته اسان انسان آهيون، اسان کان غلطي ٿي آهي پر مون کي ڪرڪيٽ سان پيار آهي، ٻيو ڪجهه به پسند ناهي، شايد منهنجي محنت گهٽ هئي ان ڪري ڪارڪردگي خراب هئي.
هن وڌيڪ چيو ته مان پاڻ ڪپتان کي چوندو رهيو آهيان ته منهنجي ڪارڪردگي سٺي ناهي، منهنجي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي موقعو ڏيو.


