آمريڪي ميوزڪ جي دنيا سان تعلق رکندڙ 21 سالن جي ڳائڻي ڊيوڊ اينٿوني برڪي، جيڪو ڊي 4 وي ڊي جي نالي سان مشهور آهي، هڪ خوفناڪ ڪيس ۾ ڦاسي ويو آهي، جتي مٿس 15 سالن جي ڇوڪري جي قتل سميت ڪيترائي سنگين الزام هنيا ويا آهن. عالمي ميڊيا رپورٽن موجب جوابدار تي سيلسٽي ريواس هرنينڊز نالي ڇوڪري جي قتل جو باضابطه الزام لڳايو ويو آهي پر گلوڪار عدالت ۾ سمورن الزامن کي رد ڪندي پاڻ کي بيگناهه قرار ڏنو آهي. جاچ موجب مقتول جو لاش گذريل سال سيپٽمبر ۾ هڪ گاڏي مان مليو هو، جيڪا ڳائڻي جي نالي تي رجسٽر ٿيل هئي. رپورٽ موجب لاش کي بيحد مسخ ڪيو ويو هو، جنهن ڪري ڪيس کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. ڪيس ۾ نه رڳو قتل پر نابالغ ڇوڪريءَ کي جنسي ڏاڍائي ۽ لاش جي بي حرمتي ڪرڻ جا الزام پڻ شامل ڪيا ويا آهن. آفيسرن جو چوڻ آهي ته ملزم کي عمر قيد يا موت جي سزا ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن ڏوهه ثابت ٿيو. لاس اينجلس ضلعي جي وڪيل ناٿن هوچمن موجب موت جي سزا جي درخواست تي حتمي فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ڇوڪري اپريل 2025 ۾ ڳائڻي جي گهر وئي هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ گم ٿي وئي، جڏهن ته جاچ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو ته 2023 کان مسلسل زيادتي جو شڪار ٿي رهيو آهي، ٻئي طرف جوابدارن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو آهي ته سندن موکل بيگناهه آهي ۽ سندس بي گناهه عدالت ۾ ثابت ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڊي 4 وي ڊي 2022 ۾ پنهنجي هڪ گاني سان شهرت ماڻي هئي، جڏهن ته ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ هن پنهنجا سمورا ميوزڪ ٽور به رد ڪري ڇڏيا آهن. اهو ڪيس سوشل ميڊيا ۽ موسيقي جي دنيا ۾ گرم موضوع بڻجي ويو آهي، جتي مداحن ۽ نقادن ٻنهي کي ڪيس جي نتيجي جو انتظار آهي.
Source link

آمريڪي ڳائڻي 15 ورهين جي ڇوڪري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار، موت جي سزا جو امڪان
Leave a Comment Leave a Comment

