ايران آمريڪا ڳالهين ۾ ڇڪتاڻ، سڄي ملڪ مان 45 اڏامون منسوخ

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ ملڪ جي ٻين ايئرپورٽن تان نار ملڪن ڏانهن ويندڙ 45 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.

تفصيل موجب ايران آمريڪا ڳالهين ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر هوائي آپريشن کي متاثر ڪري ڇڏيو آهي.

علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان دبئي، ابوظهبي، شارجه، بحرين، ڪويت، فجيره ڏانهن ويندڙ 9 اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن.

اهڙي طرح اسلام آباد ايئرپورٽ تان 12، ڪراچي ايئرپورٽ تان 18 ۽ پشاور ايئرپورٽ تان 6 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.

متحده عرب امارات کان ايندڙ مسافرن جي تعداد ۾ اوچتو گهٽتائي ٿي آهي. ايئرپورٽ ذريعن موجب مسافرن جو گهربل انگ پورو نه ٿيڻ تي اڏامون منسوخ ڪيون ويون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment