پاڪستان فٽبال ۾ هڪ ٻي نئين تاريخ

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان فٽبال ۾ هڪ ٻي تاريخ رقم ڪري ڇڏي، انڊر 16 ٽيم پهريون ڀيرو يوفا ڊولپمينٽ ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ قازقستان روانو ٿي وئي.

پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي صدر محسن گيلاني جو چوڻ آهي ته يوفا ايونٽ ۾ شرڪت وڏي ڪاميابي آهي، پاڪستان فٽبال لاءِ تاريخي لمحو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ فٽبال جي ترقي لاءِ اهڙا ايونٽ بهترين سکيا جو پليٽ فارم آهن.

يوفا ٽورنامينٽ 24 کان 30 اپريل تائين کيڏيو ويندو.

پاڪستان جي پهرين ميچ 25 اپريل تي قزاقستان سان ٿيندي، جڏهن ته روس 27 اپريل تي ۽ آذربائيجان 30 اپريل تي کيڏندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment