خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو؛ ايران

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


ايران خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو آهي ۽ چيو آهي ته هو جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهي ٿو.

برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته اسان اسلام آباد ۾ ڳالهين جي پهرين دور ۾ پوري نيڪ نيت ۽ سنجيدگي سان شرڪت ڪئي.

اسماعيل بقاي وڌيڪ چيو ته ان جي ابتڙ آمريڪي ڌر جنگ بندي ڳالهين ۾ سنجيدگي نه ڏيکاري ۽ بار بار پنهنجو موقف تبديل ڪندو رهيو آهي.

آمريڪي صدر جي تازي بيانن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته آمريڪا خطرناڪ انداز اختيار ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ايران جي پاور پلانٽس ۽ پلن کي نشانو بڻائڻ شامل آهي، جيڪي عالمي قانونن تحت جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچن ٿا.

ايراني ترجمان اسماعيل بقائي پڻ انڪشاف ڪيو آهي ته آبنائے هرمز ۾ آمريڪي بحري بندش اڃا به قائم آهي، جنهن کي هن جارحيت قرار ڏنو.

هن چيو ته آمريڪي نيوي طرفان تازو ئي ايراني جهاز کي حراست ۾ وٺڻ بعد فائرنگ ڪرڻ جنگبندي جي ڀڃڪڙي آهي.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايران امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ قدمن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.

هن واضح ڪيو ته ايران پنهنجي خودمختياري جو دفاع ڪرڻ ۽ ڪنهن به جارحيت يا خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

ياد رهي ته اپريل ۾ پاڪستان، ايران ۽ آمريڪا جي ميزباني ۾ 1979ع جي ايراني انقلاب کانپوءِ پهرين اعليٰ سطحي سڌي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي پر ڳالهين جو ٻيو دور به نه ٿيو هو.

آمريڪا تي جنگبندي جي ڀڃڪڙين جو الزام لڳائيندي ايران ڳالهين جي ٻئي دور ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي صدر ٽرمپ آمريڪي وفد جو پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ جنگ بندي جي مدي ۾ واڌ جو اعلان ڪيو.

صدر ٽرمپ اهو به چيو هو ته ڳالهين جي ٻئي دور ۾ شرڪت کان انڪار تي ايران تي حملي جو منصوبو هو پر پاڪستان فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست تي ائين نه ڪري رهيو آهي.

آمريڪي صدر موجب پاڪستاني قيادت جي درخواست تي ايران جي فوجي ۽ سياسي قيادت وچ ۾ آبنائے هرمز جي حوالي سان ڪو معاهدو ٿيڻ تائين جنگ بندي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment