پشاور هاءِ ڪورٽ؛ 5 اسٽار هوٽل جي الاٽمينٽ جي منسوخي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پشاور هاءِ ڪورٽ پي ڊي اي جي هوٽل جي 30 ڪنال زمين الاٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس انعام الله خان حيات آباد ۾ فائيو اسٽار هوٽل جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار عمران سڪندري ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته حيات آباد ۾ 5 اسٽار هوٽل تعمير ٿي رهيو آهي، هوٽل جو گرين اسٽرڪچر مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهو صوبي جو اهم پراجيڪٽ آهي، پي ڊي اي 19 جون 2025ع تي هوٽل جي 30 ڪنال زمين جي الاٽمينٽ منسوخ ڪئي، حڪومت جو اهو قدم ايڪٽ 2 جي سيڪشن 2 ۽ جنرل شق 2 جي ضابطي جي ڀڃڪڙي آهي. حڪومتي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته حڪومت جو اهو قدم آئين موجب آهي، پي ڊي اي چيئرمين جي حيثيت ۾ وڏي وزير کي اهڙا فيصلا ڪرڻ جو اختيار آهي. درخواستگذار جي وڪيل عمران سڪندري چيو ته پي ڊي اي ۽ حڪومت وچ ۾ تعميراتي مدي ۾ 31 ڊسمبر 2026 تائين واڌ ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو، عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد درخواست منظور ڪري ورتي. هاءِ ڪورٽ پي ڊي اي جي 19 جون 2025 واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيندي هوٽل جي الاٽمينٽ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment