ايران سان مستقل ڊيل چاهيون ٿا، ڊيل ٿيڻ جي صورت ۾ آبنائي هرمز کولڻ جو ٽرمپ جو اعلان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايران سان ڪنهن به ڊيل ۾ جلدي نه ڪندو پر هڪ مستقل ڊيل چاهي ٿو جيڪو سدائين قائم رهي. هن چيو ته ايران سان معاهدي جي صورت ۾ آبنائي هرمز کي کوليو ويندو. وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ آبنائي هرمز تي مڪمل ڪنٽرول جي دعويٰ ڪئي ۽ چيو ته آمريڪا ان اهم گذرگاهه کي کولڻ لاءِ تيار آهي ۽ ايران سان جلد معاهدو به ممڪن آهي. هن چيو ته ايران کي بهتر معاهدي لاءِ موقعو ڏنو پيو وڃي ۽ معاهدو ٿيڻ سان ئي آبنائي هرمز کي کوليو ويندو. صدر ٽرمپ چيو ته آبنائے هرمز جي بندش سبب ايران جي معيشت متاثر ٿي رهي آهي ۽ هو پنهنجون ڪاروباري سرگرميون جاري رکڻ جي قابل ناهي. هن دعويٰ ڪئي ته ايران ۾ قيادت جي غير يقيني صورتحال آهي ۽ ملڪ اندروني انتشار جو شڪار آهي پر آمريڪا ڳالهين جو سلسلو جاري رکي ٿو. آمريڪي صدر وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته ايران ۾ 75 سيڪڙو هدف حاصل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ايران ٻن هفتن جي جنگبندي دوران پنهنجي ڪجهه فوجي صلاحيت ٻيهر حاصل ڪري ورتي هجي پر آمريڪي فوج ان کي هڪ ڏينهن ۾ ٻيهر ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن واضح ڪيو ته آمريڪا ايران جي صورت ۾ ايٽمي هٿيار استعمال نه ڪندو. صدر ٽرمپ چيو آهي ته هو ايران سان ڊگهي مدي وارو امن معاهدو چاهي ٿو ۽ ڪنهن به معاهدي ۾ جلدي نه ڪندو. آخر ۾ هن آمريڪي عوام کي خبردار ڪيو ته گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ ڪجهه دير لاءِ اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن کانپوءِ قيمتون گهٽجي وينديون.



Source link

Share This Article
Leave a Comment