لاهور؛ پوليس جي بروقت ڪارروائي، ڇوڪري کي غير قانوني حراست مان بازياب ڪرايو ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



لاهور جي علائقي نشتر ڪالوني ۾ پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي نوجوان ڇوڪري کي غير قانوني حراست مان بازياب ڪرايو. پوليس موجب واقعي جو نوٽيس وٺندي 15 ڪالون اچڻ بعد ڊي آءِ جي آپريشنز ايس ايڇ او نشتر ڪالوني کي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ترجمان موجب ڇوڪري هڪ رهائشي علائقي ۾ هڪ گهر ۾ بند هئي ۽ روشنين ذريعي مدد لاءِ آواز اٿاري رهي هئي. علائقي واسين واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي ڇوڪري کي بازياب ڪرايو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي سڃاڻپ 10 ورهين جي عائشه جي نالي سان ٿي آهي، کيس تشدد ۽ جبري مشقت جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ان کان علاوه بنيادي سهولتن کان به محروم رکيو پيو وڃي جيئن کاڌي پيتي ۽ والدين سان رابطو. اختيارين موجب ان ڪيس ۾ ملوث جوابدار ڪاشف اڪرم کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس خلاف نشتر ڪالوني ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري چائلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ تحت ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جو تعلق اوڪاڙه سان آهي، کيس ٻه مهينا اڳ گهريلو ڪم لاءِ آندو ويو هو. بازياب ٿيڻ بعد نينگري کي چائلڊ پروٽيڪشن بيورو حوالي ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي آپريشنز چيو ته ٻارن جو تحفظ پوليس جي اولين ترجيح آهي، شهري ڪنهن به شڪي يا غير قانوني سرگرمي جي فوري اطلاع ڏين ته جيئن بروقت ڪارروائي ڪري سگهجي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment